اسلام آباد/ لاهور/ ڪراچي: اڳوڻي وزيراعظم  عمران خان تي حملي خلاف پي ٽي آءِ جا سڄي ملڪ ۾  پرتشدد مظاهرا، ڪارڪنن لاهور ۾ گورنر هائوس تي ڪاهه ڪري پارٽي جو جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو، اسلام آباد ۽ راولپنڊي کي ملائيندڙ فيض آباد پل جنگ جو ميدان بڻجي وئي. پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ اسد عمر پاران ٽوئيٽ ذريعي جمعي نماز کانپوءِ  سڄي ملڪ ۾ احتجاج جي ڏنل سڏ کانپوءِ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن پر تشدد احتجاج ڪندي ٽائر ساڙي  اهم روڊ رستا بند ڪري ڇڏيا ، مڇريل ڪارڪنن وفاقي سرڪار  خاص طور وزيراعظم شهباز شريف ۽ رانا ثناءُ الله خلاف سخت نعريبازي ڪئي. لاهور ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن گورنر هائوس جي دروازي ٻاهران باهه ڏئي ڇڏي، اهي  ڀتيون ٽپي گورنر هائوس ۾ گهڙي ويا، پي ٽي آءِ ڪارڪنن استقباليه ڪيبن جا شيشا ٽوڙي گورنر هائوس تي پي ٽي آءِ جو جهنڊو ڦرڪائي ڇڏيو. هوڏانهن راولپنڊي ۾ شيخ رشيد جي ڀائٽي راشد شفيق جي قيادت ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شامل ڪارڪنن سخت نعريبازي ڪندي ڪاميٽي چوڪ تائين احتجاج ڪيو. پنڊي ۾ ئي جي ٽي روڊ کي چڪ بيلي موڙ ويجهو بند ڪري سخت احتجاج ڪيو ويو، جي ٽي روڊ ٻنهي پاسن کان بند ٿيڻ ڪري  مسافرن کي پريشاني جو  منهن ڏيڻو پيو. اسلام آباد ۾ مظاهرين فيض آباد پل کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو، جنهن بعد اسلام آباد کان فيض آباد ويندڙ ٽريفڪ کي اسٽيڊيم روڊ ڏانهن موڙيو ويو ، پي ٽي آءِ ڪارڪنن ايف سي اهلڪارن ۽ اسلام آباد پوليس تي پٿراءُ ڪيو، موٽ ۾ اسلام آباد پوليس شيلنگ شروع ڪري پٿراءُ ڪندڙ ٻن ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو . ڪارڪنن 2 موٽر سائيڪلن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، ٻئي طرف  پي ٽي آءِ جي عورت ڪارڪنن اسلام آباد پريس ڪلب جي آڏو سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو . ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو پيادل مارچ، ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون، شاهراهه فيصل ميدان جنگ بڻجي ويو، شيلنگ،  لاٺي چارج، پي ٽي آءِ ايم پي اي راجا اظهر سميت ڪيترائي ڪارڪن زخمي، پوليس  ايم پي اي راجا اظهر سميت 20 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، ان ڏس ۾ پي ٽي آءِ جي سڏ تي انصاف هائوس کان تين تلوار ڏانهن ويندڙ پيادل مارچ  دوران ڪارڪنن جون پوليس سان مختلف هنڌن تي چڪريون ٿي پيون، ايف ٽي سي ڀرسان  ڪارڪن ۽ پوليس آمهون سامهون ٿي پيا، پي ٽي آءِ ڪراچي ڊويزن جي صدر بلال غفار ۽ ايم پي اي راجا اظهر جي اڳواڻي ۾ پيادل قافلو  جڏهن ريجنٽ پلازا پل وٽ پهتو ته ڪارڪن روڊ جي ٻنهي پاسن تي اچي ويا، پوليس پاران روڪڻ تان پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪن آمهون سامهون ٿي ويا، پوليس جي شيلنگ ۽ لاٺي چارج سبب شاهراهه فيصل ميدان جنگ بڻجي ويو، ايم پي اي راجا اظهر سميت ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا، پوليس ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ عورتن سميت20کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن تي لاڪپ ڪري ڇڏيو، پوليس ايم پي اي راجا اظهر کي زخمي حالت ۾ موٽرسائيڪل تي جناح اسپتال  پهچايو، پي ٽي آءِ جي احتجاج سبب شاهراهه فيصل جو جناح اسپتال موڙ کان ميٽرو پول ويندڙ رستو ٽريفڪ لاءِ بند ٿي ويو، پوليس اٽالن پي ٽي آءِ جي پيادل مارچ کي ريجنٽ پلازا کان اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ ايم پي اي بلال غفار جي اڳواڻي ۾ ڪارڪن انصاف هائوس روانا ٿي ويا.هوڏانهن پي ٽي آءِ ڪراچي ڊويزن جي صدر بلال غفار هنگامي پريس ڪانفرنس چيو آهي ته پي ٽي آءِ شهر ۾ 14 هنڌن تي احتجاج ڪيو پر ڪٿي هڪ ڪونڊي نه ٽٽي، پوليس ريجنٽ پلازا وٽ ڪارڪنن مٿان بدترين شيلنگ ڪري تشدد ڪيو، ذميوارن خالف ڪارروائي ڪئي وڃي،  ٻئي طرف ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ انصاف لائرز فورم جي سڏ تي وڪيلن مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي  نعريبازي ڪئي، ٻئي طرف پشاور ۾ تحريڪ انصاف جي ڏنڊا بردار ڪارڪنن موٽري وي ۽ خيبر روڊ کي رڪاوٽون وجهي بند ڪري ڇڏيو، ڪارڪنن پوليس جي بڪتربند گاڏي تي حملو ڪيو. هوڏانهن خانيوال، شيخوپوره، صادق آباد، ليا ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ مظاهرا ڪيا ويا. اوڪاڙه باءِ پاس وٽ احتجاج سبب ايمبولينس ڦاسي پئي، ڊرائيور رستو ڏيڻ لاءِ منٿون ڪندو رهيو پر مظاهرين رستو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو .