پي ٽي آءِ جو سڀاڻي احتجاج: اسلام آباد 40 هنڌن تان سيل: ملڪ جا 6 وڏا موٽر ويز بند: مارچ هر صورت روڪينداسين: حڪومت

0
32
پي ٽي آءِ جو سڀاڻي احتجاج: اسلام آباد 40 هنڌن تان سيل: ملڪ جا 6 وڏا موٽر ويز بند: مارچ هر صورت روڪينداسين: حڪومت
پي ٽي آءِ جو سڀاڻي احتجاج: اسلام آباد 40 هنڌن تان سيل: ملڪ جا 6 وڏا موٽر ويز بند: مارچ هر صورت روڪينداسين: حڪومت

اسلام آباد/لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ جو سڀاڻي احتجاج، اسلام آباد 40 هنڌن تان سيل، ملڪ جا 6 وڏا موٽر ويز بند، حڪومت چيو آهي ته مارچ، احتجاج، ريلين کي هر صورت روڪينداسين، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪيو ويندو. تفصيل موجب پي ٽي آءِ جي احتجاج کي روڪڻ لاءِ وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت تياري ڪري ورتيون آهن. راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ڪنٽينرز آندا ويا آهن، اسلام آباد کي 40 هنڌن تان بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته اسلام آباد جا سمورا ٽرانسپورٽ اڏا رات کان ئي بند ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن، تعميراتي ڪم ڄاڻائي ايم اين، ايم ٽو ۽ ايم ٿري سميت ملڪ جا 6 وڏا موٽرويز به رات 8 وڳي کان بند ڪيا ويا آهن، اسلام آباد کي 24 هنڌن تان بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، موٽروي ايم ون پشاور-اسلام آباد، موٽروي ايم ٽو لاهور-اسلام آباد، موٽري ايم ٿري لاهور-عبدالحڪيم، ايم فور پنڊي ڀٽيان کان ملتان، موٽروي ايم 14 ڊي آءِ خان به بند رهندي، موٽروي کان اسلام آباد ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا. وفاقي راڄڌاني ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي،  پنجاب حڪومت به صوبي ۾ 3 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو آهي، 23 کان 25 نومبر تائين هر قسم جي احتجاج، جلسن، ريلين تي پابندي هوندي، رنگ روڊ کي ٻه ڏينهن 23 ۽ 24 نومبر تي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ٺوڪر نياز بيگ وٽ به ڪنٽينر لڳائي موٽروي ويندڙ ٽريفڪ روڪي وئي، جي ٽي روڊ ۽ لاڳاپيل روڊن تي به ٽريفڪ گهٽ ٿي وئي. واضح رهي ته حڪومت 23 نومبر کان وفاقي راڄڌاني اسلام آباد، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته اسان قانون جا پابند آهيون، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪم سڀني کي پڙهيو آهي، اسلام آباد ۾ ڪنهن کي به جلسو، جلوس يا ڌرڻو هڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. 24 نومبر تي احتجاج جي لاءِ ڪنهن ڪا به درخواست ناهي ڏني. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته احتجاج روڪڻ دوران ڪو نقصان ٿيو ته اهي پاڻ ذميوار هوندا، جيڪي حملو ڪرڻ اچي رهيا آهن. هن چيو ته ڪاروبار ۽ روڊ بند نه ڪجن ته ٻيو ڇا ڪجي؟ هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي ذميواري صوبائي حڪومت جي آهي، هن چيو ته صوبائي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ اسان جو فرض آهي پر صوبائي حڪومت کان اهو به پڇيو وڃي ته سندن توجهه اتي دهشتگردي جي خاتمي تي آهي يا هتي حملن جي تياري ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته جيڪو به قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندو ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. جڏهن ته گذريل 18 مهينن دوران پي ٽي آءِ ڌرڻن ۽ احتجاج کي روڪڻ لاءِ ٿيل خرچ جا تفصيل جاري ڪيا ويا، جنهن موجب گذريل 18مهينن دوران ڌرڻن ۽ احتجاج تي 2 ارب 70 ڪروڙ خرچ ٿيا، 24 نومبر جي احتجاج تي به 30 ڪروڙ کان وڌيڪ خرچ اچڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.