اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نااهليءَ لاءِ ريفرنس جمع ڪرائي ڇڏيو، پي ٽي آءِ اڳواڻ ذلفي بخاري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ  آصف زرداري خلاف ريفرنس جمع ڪرايو، ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي نااهليءَ جو مطالبو ڪيو ويو آھي، ريفرنس ۾ چيو ويو ته آصف زرداري گيلاني جي دور ۾ توشا خانه مان 3 گاڏيون ورتيون، آصف زرداري کي نااھل ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ طرفان جمع ڪرايل ريفرنس ۾ ڄاڻايو ويو ته آصف زرداري طرفان قانون جي ڀڃڪڙي جا ثبوت مليا آهن، هو صدر طور توشا خانه مان گاڏيون وٺڻ جي اهل نه هو، تحريڪ انصاف اڳواڻ زلفي بخاري ريفرنس جمع ڪرائڻ کان پوءِ چيو ته آصف علي زرداري توشا خانه مان گاڏيون حاصل ڪيون. يوسف رضا گيلاني فيبروري 2009ع ۾ آصف زرداري کي گاڏيون خريد ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. هن چيو ته آصف علي زرداري 3 گاڏيون خريد ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني رولز جي نرمي لاءِ سمري منظور ڪئي. زلفي بخاري چيو ته يوسف رضا گيلاني طرفان سمري جي منظوري غير قانوني هئي. واضح رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف توشا خانه ريفرنس جي ٻڌڻي هلندڙ آهي.