گلگت (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي فارورڊ بلاڪ جو اڳواڻ حاجي گلبر خان گلگت بلتستان جو نئون  وڏو وزير چونڊجي ويو، سندس حق ۾ 19 ميمبرن ووٽ ڏنو. گلگت بلتستان جي نئين قائد ايوان جي چونڊ لاءِ اجلاس ٿيو، اجلاس جي قيادت اسپيڪر نذير ايڊووڪيٽ ڪئي، جنهن کانپوءِ وڏي وزير لاءِ ووٽنگ ڪرائي وئي. وڏي وزير لاءِ چئن اميدوارن ۾ مقابلو ٿيو، جن ۾ راجا اعظم خان، حاجي گلبر خان، راجا ذڪريا مقپون ۽ جاويد منوا شامل هئا.  حاجي گلبر خان 19 ميمبرن جي حمايت سان گلگت بلتستان جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو، اسپيڪر نذير ايڊووڪيٽ حاجي گلبر وڏو وزير چونڊجڻ جو اعلان ڪيو. واضح رهي ته چونڊ کان اڳ ئي پ پ ۽ ن ليگ پي ٽي آءِ فارورڊ بلاڪ جي حاجي گلبر خان جي حمايت جو اعلان ڪيو هو.