اسلام آباد (م ڊ) پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي کي به گرفتار ڪري ورتو آهي. خانگي ٽي وي چينل موجب پوليس گھر جو گيٽ ٽپي شهريار آفريدي ۽ سندس گھر واريءَ کي گرفتار ڪري وئي آهي. شهريار آفريدي ۽ سندس زال کي اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو آهي.