اسلام آباد/ڪراچي(بيورو رپورٽ + نمائندن وٽان) اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جو اڄ جلسو ٿيندو، سنڌ سوڌو سڄي ملڪ مان قافلا اسلام آباد پهچڻ شروع ٿي ويا، انتظاميا مري روڊ ۽ ٻين داخلي رستن تي ڪنٽينرز رکي ڇڏيا، ڪنٽينرز کي مري روڊ ۽ فيصل آباد فلاءِ اوور تي رکيو ويو، مختلف شهرن ۾ پي ٽي آءِ جي قافلن کي روڪي گرفتاريون ڪرڻ جا به اطلاع مليا آهن، جڏهن ته اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڄ 8 سيپٽمبر تي پسوال سنگجاڻي ۾ ٿيندڙ جلسي جو هنڌ تبديل ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جو جلسو هاڻي مال پڙي سنگجاڻي ۾ ٿيندو. پوليس پي ٽي آءِ جي جلسي واري هنڌ جو گهيرو ڪري سامان جي اچ وڃ روڪي ڇڏي ۽ جلسي لاءِ آندل سامان قبضي ۾ وٺي ڇڏيو، ان دوران مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب ۽ اسد قيصر پوليس اهلڪارن سان سخت جملن جي ڏي وٺ ڪئي. اسلام آباد جلسي لاءِ پي ٽي آءِ کي اين او سي جاري ڪئي وئي آهي. اين او سي ۾ چيو ويو آهي ته جلسي ۾ شرڪت ڪندڙن سان اسلام آباد جي شهرين جا بنيادي حق متاثر نه ٿيندا، ڪو به روڊ بلاڪ نه ڪيو ويندو، جلسو شام 4 وڳي شروع ٿيندو ۽ شام 7 وڳي ختم ٿيندو، جلسي جي انتظاميا پڄاڻي بعد شرڪت ڪندڙن کي واپس موڪلڻ جي پابند هوندي. ڊي سي اسلام آباد چيو آهي ته مشروط اين او سي جاري ڪئي آهي، ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته اين او سي رد ڪئي ويندي ۽ ڪارروائي ڪئي ويندي، جلسي جي روٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته به ڪارروائي ڪئي ويندي، جيڪي ماڻهو اسٽيج تي هوندا انهن جي لسٽ فراهم ڪئي ويندي. ٻئي طرف پارٽي چيئرمين بئرسٽر گوهر چيو آهي ته جلسي کان اڳ ئي جلسو شروع ٿي چڪو آهي، اسان جا اتحادي به جلسي ۾ شريڪ ٿيندا، انتظاميا رنڊڪون نه وجهي، اجازت نامو موجود آهي، مقرر وقت کان وڌيڪ جلسو هلي ٿو ته انتظاميا کي سهڪار ڪرڻ گهرجي،نه لانگ مارچ ٿيندو نه ئي ڌرڻو لڳندو، علي محمد خان چيو ته جلسي ۾ رنڊڪون وڌيون پيون وڃن، جلسي مان عمران کي وڏيون اميدون آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي هراسان ڪرڻ تي عدالت سان رابطو به ڪري ورتو، راولپنڊي جي عدالت ڪارڪنن کي هراسان نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت چيو ته ڪارڪنن جي رستن ۾ رنڊڪون نه وڌيون وڃن، قانون موجب پرامن جلسو ڪرڻ هر جماعت جو حق آهي، نيوسعيد آباد ٽول پلازه وٽ حليم عادل جي اڳواڻي ۾ جلسي لاءِ ويندڙ پي ٽي آءِ جي قافلي کي پوليس روڪي ورتو، تحريڪ انصاف موجب 4 اڳواڻن گلزار خاصخيلي، رياض ڀٽي، احمد خاصخيلي کي گرفتار ڪيو ويو، حليم عادل جي اڳواڻي ۾ قافلو اڳتي وڌي ويو، جڏهن ته روڊ بلاڪ ٿيڻ ڪري گاڏين جون قطارون بيهجي ويون، پوليس ۽ مسافرن ۾ منهن ماري به ٿي.