پي ٽي آءِ جو احتجاج نه پر ملڪ ۽ وفاق تي حملا هو، هڪ پوليس اهلڪار ۽ 4 رينجرز جوان شهيد ڪيا ويا، اڊيالا ۾ ويٺل ماسٽر مائنڊ کان جيل برداشت نٿي ٿئي، سياسي گند کي پنجاب ۽ پاڪستان مان صاف ڪرڻو آهي: پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جو لاهور ۾ تقريب کي خطاب، مريم نواز چيو ته هڪ ماڻهو ماريو ويو هجي يا 12 ذميوار پي ٽي آءِ باني آهي، پوليس کي هدايت ڪئي وئي هئي ته ڪنهن جي مٿان گولي نه هلائي وڃي.