پي ٽي آءِ جو احتجاج ختم ٿيڻ بعد اسلام آباد ۾ صورتحال معمول تي اچڻ لڳي، چئن ڏينهن کان بند موٽرويز کي هر طرح جي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو، موٽروي اختيارين موجب موٽروي ايم 2، ايم 3، ايم 4 ۽ ايم 5 کي کوليو ويو آهي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، فيض آباد انٽرچينج تان ڪنٽينرز هٽائڻ جو به ڪم شروع ڪيو ويو.