ڪراچي: 8 ۽ 9 مئي تي پي ٽي آءِ قيادت ۽ وڳوڙين وچ ۾ رابطن جي حوالي سان ڇرڪائيدڙ رڪارڊ سامهون اچي ويو، ٽيڪنيڪل تجزيي ۽ جيو فينسنگ سان پي ٽِي آءِ جي اعليٰ قيادت ۽ وڳوڙين وچ ۾ ربطن جو انڪشاف ٿيو آهي
جيو فينسنگ رڪارڊ ذريعي حاصل ڪيل معلومات موجب آرمي جي حساس ٺڪاٺن تي تي حملن جو منصوبو مبينا طور تي 8 مئي تي زمان پارڪ ۾ تيار ڪيو ويو
رڪارڊ مان پتو پيو ته 8 مارچ تي زمان پارڪ ۽ 9 مئي تي جناح هائوس حملي ۾ 154 موبائل نمبرز سامهون آيا، 215 ڪالرز 9 مئي تي 6 اڳواڻن سان رابطي ۾ رهيا
عمران خان جي گهر زمان پارڪ سان 6 اهم شخصيتن جي رابطن جو رڪارڊ سامهون آيو، جن ۾ ياسمين راشد، حمد اظهر، محمود الرشيد، اعجاز چوڌري، اسلم اقبل ۽ مراد راس وڳوڙين سان رابطن ۾ رهيا،رڪارڊ موجب 75 ڀيرا موبائل فون رابطن ۾ محمودالرشيد سرفهرست آهي
ياسمين راشد جو رابطو ڪالز ذريعي 41 ڀيرا ٿيو ۽ حماد اظهر جي موبائل نمبر تان 10 ڪالز شرپسندن کي ڪيون ويون
اعجاز چوڌري طرفان ڪيل 50 ڪالز رڪارڊ ۾ آيون جڏهن ته اسلم اقبال 16 ۽ مراد راس 23 ڪالز جناح هائوس ۾ موجود وڳوڙين کي ڪيون
هي به پڙهندا
پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري سياست ۽ پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو