ڪراچي/ پشاور ( نمائندن وٽان) پي ٽي آءِ جون وڌيڪ 2 وڪيٽون اڏامي ويون، ان ڏس ۾ پي ٽي آءِ ڪراچي جو صدر ۽ ايم اين اي آفتاب صديقي پي ٽي آءِ ڇڏڻ سان گڏ سياست تان ئي ھٿ کڻي ويو،  هن ڪالهه  پنهنجي  ٽوئيٽ ۾ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته پنهنجي جاري ڪيل مختصر وڊيو بيان ۾ ھن چيو ته ھو سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري رھيو آھي،  هو پيشي جي لحاظ کان انجنيئر آھي، هاڻ انجنيئر جي حيثيت ۾ ملڪ جي خدمت ڪندو رهندو،ٻئي طرف ڪي پي سان تعلق رکندڙ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي عثمان خان ترڪئي پي ٽي آءِ کي الوداع چئي ڇڏيو