اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون مرحليوار منظوري خلاف درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفائن جي مرحليواري منظوري ۽ ان حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو ويو هو، اسد عمر اهڙي درخواست جمع ڪرائي هئي،جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي. اها به استدعا ڪئي وئي ته اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاران استعيفائن جي مرحليوار منظوري کي غيرقانوني ۽ غير آئيني قرار ڏنو وڃي، ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري اسيمبلي فلور تي تحريڪ انصاف جي 125 ميمبرن جي منظوري جو اعلان ڪيو هو.