اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڊي چوڪ احتجاج تي پي ٽي آءِ جي گرفتار 19 جوابدارن کي رات ساڍي ڏهين وڳي دهشتگردي ٽوڙ اسلام آباد جي عدالت جي جج طاهر عباس سپرا آڏو پيش ڪيو ويو. سيڪريٽريٽ پوليس جوابدارن جو 10 ڏينهن لاءِ رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي. عدالت جوابدارن کي چئن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو. عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته رات جو دير سان جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جڏهن ته ڪو به وڪيل پيش نه ٿي سگهيو. جوابدارن کي رات جو دير سان عدالت ۾ پيش ڪرڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويندو.