پي ٽي آءِ جا قيدي ڇڏائڻ لاءِ پوليس وينز تي حملو، 4 اهلڪار زخمي، فرار 3 ايم پي ايز سوڌو سڀ ٻيهر سوگها، 4جوابدار گرفتار

0
16

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي قيدي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ڇڏائڻ لاءِ پوليس وينز تي حملو، 4 پوليس اهلڪار زخمي، حملو ڪندڙ 4 ڄڻا گرفتار، پوليس فرار ٿيل ٽن ايم پيز ۽ ٻين قيدين کي به ٻيهر پڪڙي ورتو. اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته ڊي چوڪ احتجاج جي جوابدارن کي عدالت ۾ پيشي بعد اٽڪ جيل منتقل ڪيو پئي ويو ته سنگجاني ٽول پلازه وٽ هٿياربندن پوليس ۽ قيدين جي ٽن وينز تي حملو ڪيو، هٿياربندن فائرنگ ڪري قيدين جي وينز جا ٽائر برسٽ ڪيا، حملي دوران 4 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، هٿيار، ڏنڊن ۽ پٿرن سان هٿياربند چئن ڊالن ۾ سوار ٿي آيا هئا، حملي دوران وينز ۾ پي ٽي آءِ ايم پي اي انور زيب، لياقت ۽ ياسر قريشي سوڌو 82 جوابدار موجود هئا، جيڪي حملي دوران فرار ٿي ويا هئا، آءِ جي اسلام آباد چيو آهي ته حملو ڪندڙن ۾ پي ٽي آءِ ايم پي اي جو پُٽ به شامل هو، حملي دوران پي ٽي آءِ جي ٽن ايم پي ايز سوڌو فرار ٿيل قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو جن کي اسلام آباد جي مختلف ٿاڻن تي منتقل ڪيو ويو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته تشدد ۽ انتشار جي سياست پي ٽي آءِ جي تاريخ رهي آهي، تحريڪ انتشار سنگجاڻي ٽول پلازه وٽ قيدين جي گاڏين تي رٿابندي تحت حملو ڪيو. پي ٽي آءِ ايم پي اي جي پٽ سميت 4 حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. 2 گاڏيون ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، سڀئي فرار ٿيل قيدي پوليس جي حراست ۾ آهن. حملو ڪندڙن کي  قانون موجب سخت کان سخت سزا ڏني ويندي. قيدين کي فرار ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي،  19 قيدي فرار ٿي ويا هئا جن کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو.  حملو ڪندڙن خلاف ايف آءِ آر به داخل ڪئي ويندي، گرفتاريون به ڪيون وينديون ۽ مثال قائم ڪيو ويندو ته جيئن مستقبل ۾ ڪو به قيدي فرار ڪرائڻ جي ڪوشش نه ڪري، ٽول پلازه جي سي سي ٽي وي فوٽيج موجود آهن.