اسلام آباد (بيورو رپورٽ/م ڊ) نواز ليگ پاران پي ٽي آءِ تي چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي سازش جا الزام، پيپلزپارٽي پاران 8 فيبروري تي ئي چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان شهباز شريف چيو آهي ته ڊي آر اوز ۽ آر اوز خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست چونڊن کان ڀڄڻ جي رٿابندي آهي، پي ٽي آءِ سائفر جيان 8 فيبروري تي رٿيل چونڊن خلاف سازش ڪري رهي آهي، پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪُنڊي 8 فيبروري تي چونڊون يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته چونڊن جي تاريخ اڳتي نه وڃڻ گهرجي، پيپلز پارٽي 8 فيبروري تي صاف ۽ شفاف اليڪشن گهري ٿي، اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو ڪو به بهانو نه ٻڌو ويندو، بي اي پي اڳواڻ خالد مگسي پاران به ڊي آر اوز ۽ آر اوز خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست جي مذمت ڪئي وئي.