اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) پي ٽي آءِ تي پابندي پيل فنڊنگ ثابت، عمران خان جو حلفي بيان به ڪوڙو قرار، اليڪشن ڪميشن 8 سالن کانپوءِ پي ٽي آءِ پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

پي ٽي آءِ کي شوڪاز جاري ڪندي چيو ويو ته ٻڌايو وڃي ته فنڊ ڇو نه ضبط ڪيو وڃي، اليڪشن ڪميشن ڪارروائي لاءِ فيصلو وفاقي حڪومت کي اماڻي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي موجب  غيرملڪي شهرين ۽ ڪمپنين کا 51 لک 22 هزار 278 ڊالر، 7 لک 92 هزار 265 پائونڊ ۽ 22 ڪروڙ رپيا پي ٽي آءِ کي فنڊز مليا

  جاري ڪيل فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پاران پارٽي سربراهه طور 2008ع کان 2013ع تائين پارٽي گوشوارن بابت لکت ۾ ڏنل ڊڪليئريشن کي غلط قرار ڏيندي پي ٽي آءِ پاران 16 بينڪ اڪائونٽ لڪائڻ کي آئين جي آرٽيڪل 17 ۽ قانون جي خلاف ورزي قرار ڏئي ڇڏيو

تفصيل موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا، اليڪشن ڪميشن ۾ سنڌ مان مقرر ميمبر نثار احمد دراني، بلوچستان مان مقرر ميمبر شاهه محمد جتوئي تي ٻڌل 3 رڪني بينچ 2014ع کان هلندڙ تحريڪ انصاف فارين فنڊنگ ڪيس جو متفقه فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا پاران ٻڌايل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن مطمئن آهي ته پي ٽي آءِ بندش پيل غير ملڪي ذريعن وٽان ڄاڻي واڻي فنڊنگ وصول ڪئي، پي ٽي آءِ ووٽن ڪرڪيٽ لميٽيڊ، برسٽل انجنيئرنگ سروس دبئي، اي پيلينٽ ٽرسٽيز، ايس ايس مارڪيٽنگ، ايل ايل سيز کان بندش پيل فنڊنگ وصول ڪئي

پي ٽي آءِ ڪينيڊا ڪارپوريشن، ڀارتي شهري روميته شيٽي، ڊنپيڪ لميٽيڊ آسٽريليا، انور برادرز، زين ڪاٽن، ينگ اسپورٽس، پي ٽي آءِ يوڪي کان بندش پيل ذريعن وٽان فنڊنگ وصول ڪئي، اها فنڊنگ پي ٽي آءِ دانسته طور وصول ڪئي، انهن غير ملڪين جي تصديق لاءِ اليڪشن ڪميشن نادرا سان رابطو ڪيو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ابراج گروپ جي مالڪ عارف نقوي جي ووٽن ڪرڪيٽ ڪلب جيڪا دبئي ۾ رجسٽرڊ آهي ان کان 21 لک 21 هزار 500 ڊالر جا فنڊز وصول ڪيا ويا، پي ٽي آءِ يو اي اي جي برسٽل انجنيئرنگ کان 49 هزار 965 آمريڪي ڊالر ورتا، سوئيٽزرلينڊ سان تعلق رکندڙ اي پيلينٽ هڪ لک ڊالر ۽ برطانوي ڪمپني ايس ايس مارڪيٽنگ کان هڪ هزار 741 ڊالر وصول ڪيا ويا، تحريڪ انصاف کي آمريڪا جي ايل ايل سي 6160 کان 5 لک 49 هزار ڊالر، ايل ايل سي 5975 کان 19 لک 76 هزار 500 ڊالر ورتا ويا

  پي ٽي آءِ ڪينيڊا ڪارپوريشن کان 2 لک 79 هزار 822 ڊالر، ڀارتي شهري روميتا شيٽي سنگارپور کان 13 هزار 750 ڊالر موڪليا،  پي ٽي آءِ يو ڪي جي پبلڪ لميٽيڊ ڪمپني کان 7 لک 92 هزار 265 برطانوي پائونڊ، پي ٽي آءِ ڪينيڊا ڪارپوريشن کان 35 لک 21 هزار 186 پاڪستاني رپيا ورتا، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ 34 غير ملڪي شهرين ۽ 351 غير ملڪي ڪمپنين کان فنڊز ورتا جيڪي غير قانوني آهن،  تحريڪ انصاف جي چيئرمين 2008ع کان 2013ع تائين پارٽي اثاثن بابت جمع ڪرايل فارم ون غلط آهن، عمران خان قانون مطابق پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام رهيو

ان پاران جمع ڪرايل تفصيل غلط آهن، پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن سامهون رڳو 8 اڪائونٽ ظاهر ڪيا، اسٽيٽ بينڪ جي ڊيٽا مطابق جڏهن پي ٽي آءِ 13 اڪائونٽن کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته اهي پي ٽي آءِ جي سينيئر قيادت ۽ اڳواڻن پاران هلايا پئي ويا، انهن 13 اڪائونٽن کان علاوه پي ٽي آءِ وڌيڪ 3 اڪائونٽ ظاهر ڪرڻ ۾ به ناڪام رهي، جيڪي به پي ٽي آءِ جي قيادت پاران هلايا پئي ويا، 16 اڪائونٽ ظاهر نه ڪرڻ سنگين مامرو آهي، اهو عمل آئين جي آرٽيڪل 17 جي شق 3 جي خلاف ورزي ۽ پولٽيڪل پارٽي آرڊر جي آرٽيڪل 6 جي خلاف ورزي جي زمري ۾ اچي ٿو

پي ٽي آءِ کي نوٽيس جاري ڪجي ٿو ته ان جي غير ملڪي فنڊنگ ڇو نه ضبط ڪئي وڃي، فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ کي ان حوالي سان قانون  مطابق ڪارروائي شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي فيصلي جي ڪاپي وفاقي حڪومت کي به اماڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، فيصلي ۾ پوليٽيڪل آرڊر جي آرٽيڪل 6 تحت تحريڪ انصاف جا فنڊ ضبط ڪرڻ بابت شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي