ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پي ٽي آءِ جي احتجاج کي مشڪرن جو سرڪس قرار ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو احتجاج مشڪرن جو سرڪس هو، اُنهي باوجود پيپلزپارٽي ڪنهن به جماعت مٿان پابندي جي مخالفت ڪري ٿي، خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ لڳائڻ سولو نه هوندو، پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ سنڌ ۾ گورنر راڄ جون ڳالهيون ٿيون هيون پر اسان ڪي پي ۾ گورنر راڄ جي حق ۾ ناهيون، مقامي هوٽل ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن واضح ڪيو ته احتجاج ذريعي ڪنهن به شخص ( عمران خان) جي آزادي جو مطالبو بنيادي طور غلط آهي. ڪنهن به شخص جي آزادي عدالتن ذريعي ئي ممڪن آهي.. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه اجلاس ۾ دير ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ آئيني مطالبو آهي، 9 مهينن کان اجلاس ناهي ٿيو، اهو رڳو اسان جو نه پر سڄي ملڪ جو مسئلو آهي. سنڌ جي وڏي وزير واضح ڪيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس کانسواءِ پاڻي جو مسئلو حل نٿو ٿي سگهي. هن واضح ڪيو ته هن وقت ڪوبه ڪئنال (چولستان ڪئنال) تعمير نه پيو ٿئي. هن سنڌ جي پاڻي مامري تي صوبائي حڪومت جي موقف کي ورجائيندي چيو ته سنڌ جو هڪ ڦڙو به ڪنهن کي نه ڏينداسين. اسان ڪنهن کي به پنهنجن حقن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين ۽ نه ئي ڪنهن جا حق کسينداسين. سنڌ جي وڏي وزير ياد ڏياريو ته پيپلز پارٽي هميشه پاڻي جي مسئلي تي احتجاج ڪيو آهي. شهيد بينظير ڀٽو ڪالا باغ ڊيم جي تعمير خلاف ڪمون شهيد ۾ ڌرڻو هنيو هو. هن چيو ته جيڪي هن وقت گوڙ ڪري رهيا آهن، اهي ڪالاباغ ڊيم تي بحث دوران پنهنجون سيٽون ڇڏي ويا هئا. سياسي پارٽين جي تنقيد جو جواب ڏيندي مراد علي شاهه چيو ته جي يو آءِ جي ڪانفرنس ۾ ڪجهه سياسي پارٽين رڳو ان ڪري شرڪت نه ڪئي جو پيپلز پارٽي شرڪت ڪري رهي هئي، مطلب ته هنن جو مسئلو رڳو پيپلز پارٽي سان آهي. هن واضح ڪيو ته اسان ڪنهن به فورم تي سنڌ جي حقن لاءِ ڳالهائڻ کان نٿا ڊڄون. هن چيو ته دل جي بيمارين جي شرح گهڻي وڌي وئي آهي، جيڪا پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ موت جو وڏو ڪارڻ آهي. سنڌ حڪومت هر ضلعي ۾ دل جا يونٽ قائم ڪري دلين جي بينارين کي بند ٻڌو آهي هوڏانهن ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪندڙ رٿا ڪي 4 جو جائزو وٺڻ بابت ڪوٺايل اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪي 4 کي ڊسمبر 2025ع تائين مڪمل ڪرائڻ لاءِ سمورا قدم کنيا وڃن، هن هدايت ڪئي ته ڪي 4 رٿا کي بجلي پهچائڻ لاءِ گرڊ اسٽيشن جو ٽينڊر ڪرايو وڃي،
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) هن چيو ته دل جي بيمارين جي شرح گهڻي وڌي وئي آهي، جيڪا پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ موت جو وڏو ڪارڻ آهي. سنڌ حڪومت هر ضلعي ۾ دل جا يونٽ قائم ڪري دلين جي بينارين کي بند ٻڌو آهي