اسلام آباد (م ڊ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته پي ٽي آءِ مٿان پابندي لڳندي، گنڊاپور نه بشريٰ بي بي گرفتار ٿيندي غريب ڪارڪن ڊي چوڪ پهتا پر قيادت نظر نه آئي آخر اهي ڪٿي هئا؟ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته هي ته ڪفن ٻڌي آيا هئا، پهرين ئي چيو ته اهو شو فلاپ ٿي ويندو. واوڊا الزام لڳائيندي چيو ته اهي سڀ ان لاءِ نه آيا ته ڪمپرومائزڊ آهن. هڪ عورت اهو به چيو هو ته آئون آخري هونديس جيڪا ڊي چوڪ تان اٿنديس، پر اها ته سڀني کان پهرين ئي ڀڄي وئي. ڀڄي وڃڻ جي خوف کان ڪارڪن ته گنڊاپور کي واش روم به وڃڻ نه پيا ڏين.