ڪوئيٽا(م ڊ) مسلم ليگ ن پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جو ٺهراءَ بلوچستان اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ٺهراءَ اڄ پيش ڪيو ويندو جيڪو ايجنڊا ۾ شامل آهي. قرارداد مسلم ليگ ن جو پارلياماني ليڊر سليم کوسه پيش ڪندو، متن موجب پي ٽي آءِ 9 مئي جي پرتشدد واقعن جي ذميدار آهي. پي ٽي آءِ هڪ ڀيرو وري پرتشدد ڪارروايون ڪري رهي آهي، قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ کي يقيني بڻايو وڃي.