پشاور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف 24 نومبر واري اعلانيل احتجاج لاءِ خاص اسڪواڊ تيار ڪري ورتي. ذريعن موجب، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، پي ٽي آءِ پشاور جي اجلاس ۾ اسڪواڊ کي جهادي قرار ڏنو ، اسڪواڊ ۾ پي ٽي آءِ يوٿ ونگ جا نوَ هزار ڪارڪن شامل هوندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبائي وزير مينا خان، خاص مددگار سهيل آفريدي اسڪواڊ جي قيادت ڪندا. ذريعن موجب، خاص اسڪواڊ مرڪزي قافلي جي اڳيان هوندو، اسڪواڊ کي شيلنگ کان بچاءَ جو سامان ڏنو ويو آهي. ان ڏس ۾ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڪي پي حڪومت جي خاص مددگار سهيل آفريدي ٻڌايو ته جهادي اسڪواڊ جو مطلب آهي ته هو ظلم خلاف آواز اُٿارڻ کي جهاد سمجهن ٿا ۽ جان جي پراوهه ڪرڻ بنا مظاهري ۾ موجود رهندا