ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بلوچستان جي اهم سياسي شخصيت ۽ پي ٽي آءِ جي ايم اين اي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪالهه بلاول هائوس ۾ پي ٽي آءِ جي بلوچستان مان ايم اين اي مير خان محمد جمالي ۽ لسٻيلا واري علائقي جي اهم سياسي شخصيت حسن ڄاموٽ آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي،  ملاقات دوران بلوچستان جي ٻنهي اهم شخصيتن پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.