پي ٽي آءِ باني 190 ملين پائونڊ جي چوري لڪائڻ لاءِ مذهب کي استعمال ڪيو، سياست ٿيندي رهندي پر دين جو نالو نه وٺو، ڪيس ۾ قانوني دفاع نه ڪرڻ تي مذهبي ڪارڊ کيڏيو ويو، پي ٽي آءِ باني چيو ته فيصلو سيرت النبي صه جي تعليم خلاف آهي، ٻڌايو وڃي ته القادر يونيورسٽي ۾ ڪهڙي مذهبي تعليم ڏني وڃي ٿي؟ ذاتي مفاد لاءِ مذهبي ڪارڊ کيڏڻ افسوس ناڪ آهي: وفاقي وزير عطاءَ تارڙ جي عالمن سان گڏ پريس ڪانفرنس، عطاءَ تارڙ چيو ته 190ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو ملڪي تاريخ جو اهم ترين فيصلو آهي، عدالت ڪيس ۾ پڪن ثبوتن جي بنياد تي سزا ٻڌائي آهي، فيصلي ۾ ڪو به قانوني مونجهارو نه آهي، القادر ٽرسٽ مان ڪابينا جي ٻين ميمبرز فائدو نه ورتو، ان ڪري ٻين کي سزا نه ملي، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي ڀلي سزا خلاف اپيل اعليٰ عدليا ۾ داخل ڪرائين، اپيل ٻن ٻڌڻين بعد ئي رد ٿي ويندي.