اسلام آباد: باني پي ٽي آءِ جي ڀيڻ عليما خان چيو ته پي ٽي آءِ باني جو چوڻ آهي ته سزا ان ڪري ٻڌائي وئي ته ڪا ڊيل ڪيان پر ڪا به ڊيل نه ڪندس، ڀلي جيترو وقت جيل ۾ رکڻو آهي، رکيو وڃي، ڪيس جي فيصلي جو ڳالهين واري ڪاميٽي سان ڪو تعلق نه آهي، پي ٽي آءِ باني ٻن مطالبن تي ڳالهه ڪرڻ جو چيو آهي، هن چيو ته بشريٰ بي بي کي سهولتڪاري تي 7سالن جي سزا ٻڌائي وئي، اهو به ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي سهولتڪاري آهي؟ هن ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ نواز شريف نه پر پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي سزا ڏني وئي آهي، اسان هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس کڻي وڃي رهيا آهيون، سڀ ڪجهه سامهون اچي ويندو.