قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب کانپوءِ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز به جڊيشل ڪميشن جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، شبلي فراز 32 ايف آءِ آرز ۾ نامزدگي ۽ عدالتي پيشين سبب جڊيشل ڪميشن جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏني، سينيٽ مان جڊيشل ڪميشن جي ميمبر جي نامزدگي جو فيصلو سڀاڻي ٿيندو، عمر ايوب به هڪ ڏينهن اڳ جڊيشل ڪميشن جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏني هئي.