ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سٽي ڪورٽ ۾ پيشي دوران حسان نيازي کي فرار ڪرائڻ واري ڪيس ۾ جيل اختيارين پي ٽي آء اڳواڻ حليم عادل شيخ کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، عدالت جوابدارن جي وڪيلن کي ڪيس جي ڪاپي فراھم ڪرڻ ھدايت ڪندي 2 نومبر فرد جرم جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي، ڪالھ سٽي ڪورٽ ۾ پيشي دوران حسان نيازي کي فرار ڪرائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران جيل اختيارين پي ٽي آء اڳواڻ حليم عادل شيخ کي پيش ڪيو، عدالت جوابدارن جي وڪيلن کي ڪيس جي ڪاپي فراھم ڪرڻ جي ھدايت ڪندي 2 نومبر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي، درخواست گذار جي وڪيل جو چوڻ ھو ته حليم عادل شيخ خلاف پي ٽي آء اڳواڻ حسان نيازي کي پوليس حراست مان فرار ڪرائڻ جي ڪوشش جو الزام آھي، الزامن جي مطابق سٽي ڪورٽ ۾ سيڪيورٽي تي به سواليہ نشان آھي.