ڪراچي: پي ٽي آءِ اڳواڻ افتخار لنڊ جون وفاداريون تبديل ڪرائڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر بابر لنڊ کي ذميواري سونپي وئي آهي. ان حوالي سان ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب گھوٽڪي تعلقي واري صوبائي تڪ تان پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ خالد لنڊ جي ڀائيٽي افتخار لنڊ جون وفاداريون تبديل ڪرائڻ واري ذميواري پ پ گھوٽڪي جي ضلعي صدر بابر لنڊ حوالي ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب اليڪشن کان اڳ افتخار لنڊ به پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويندو.