اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻن کي اڊيالا جيل ۾ باني سان ملاقات جي اجازت نه ملي، بئريسٽر گوهر جي اڳواڻي ۾ 6 رُڪني وفد ملاقات بنا واپس هليو ويو، جيل انتظاميا موقف اختيار ڪيو ته اڄ ملاقات جو ڏينهن ناهي، نه ئي خصوصي ملاقات لاءِ هدايتون مليون آهن، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران بئريسٽر گوهر چيو ته باني سان معمول جي ملاقات جو ڏينهن نه هو، پر اسان ڪوشش ڪئي ته ملاقات ٿي وڃي، جيڪڏهن باني سان ملاقات ٿئي ها ته مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿئي ها، احتجاج ملتوي ڪرڻ واري ڳالهه ناهي، پر گهڻين شين تي ڳالهائڻ لاءِ آيا هئاسين، 24 نومبر جو احتجاج ملتوي ناهي ٿيو.