اسلام آباد(بيورو رپورٽ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن جي بنيادي خاصيت بي شرمي آهي ۽ ان جو واضح مثال عارف علوي آهي، عارف علوي صدارت جي ڪرسي سان چنبڙيل رهيو، سندس جماعت اعتماد جو ووٽ وڃائي چڪي هئي، وفاقي وزير چيو ته عارف علوي پنهنجي صدارت واري دور ۾ ٿيل چونڊن کي پاڻ ئي ڌانڌلي سٽيل قرار ڏنو، جيڪڏهن فنڊز جو غلط استعمال ٿيو ته ان وقت آواز ڇو نه اٿاريو ؟ عارف علوي وٽ ٻن سالن جو وقت هو، عزت سان استعيفا ڏئي وڃي سگهي پيو پر اقتدار سان چنبڙيل رهيو.