عمرڪوٽ(رپورٽر) عمرڪوٽ جي خالي ٿيل قومي تڪ اين اي 213 تي ننڍي چونڊ 17 اپريل تي ٿيندي، ان حوالي سان تياريون ھلندڙ آھن، جڏھن ته پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل اميدوار ڊاڪٽر چيتن ڪمار وينڊاڻي مالھي پاران ضلعي اليڪشن ڪمشنر عمرڪوٽ کي لکت ۾ درخواست ڏئي مطالبو ڪيو ويو آھي ته اليڪشن دوران آرمي ۽ رينجرز مقرر ڪئي وڃي، ڇو جو ضلعي عمرڪوٽ ۾ امن امان واري صورتحال تسلي بخش ناھي، درخواست ۾ ھن ڄاڻايو آھي ته تازو ئي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي قتل ڪيو ويو، جنھن بعد ھڪ مذھبي پارٽي ۽ سول سوسائٽي گروپن وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال رھي آھي، ضلعي ۾ امن امان جي حالت سُٺي ناھي، مذھبي جماعتون به اليڪشن ۾ حصو وٺي رھيون آھن، اھڙي صورتحال بعد ماڻھن ۾ خوف وارو ماحول برقرار آھي، ووٽرن جو ٽرن آئوٽ ريشو به سخت متاثر ٿيڻ جو خدشو آھي، سنڌو درياءَ تي ڇھن ڪئنالن جي تعمير خلاف سڄي ضلعي عمرڪوٽ ۾ احتجاج ٿيو آھي ۽ سلسلو جاري آھي، عام چونڊن دوران به ووٽرز کي ڌمڪائڻ ڌانڌلي ڪرڻ پولنگ اسٽيشنن تي حملا ڪري بيلٽ باڪس چوري ڪرڻ جون وارداتون ٿيون ھيون، ڊاڪٽر چيتن وينڊاڻي درخواست ۾ وڌيڪ چيو آھي ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ 50 سيڪڙو ووٽرز جو تعلق اقليتن سان آھي، انھن کي تحفظ ڏئي ووٽ جو حق ڏيارڻ لاءِ ھر پولنگ اسٽيشن تي پاڪ آرمي ۽ رينجرس جا جوان مقرر ڪيا وڃن، ته جيئن عام ماڻھو ووٽ جو حق آساني سان ۽ امن امان سان استعمال ڪري سگھي، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ضلعي اليڪشن ڪمشنر طيب بخاري چيو ته عمرڪوٽ ۾ قومي تڪ تي ننڍي چونڊ شفاف طريقي سان ڪرڻ لاءِ سمورا انتظام ڪري رھيا آھيون، اميدوار چيتن وينڊاڻي جي درخواست تي صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي لکت ۾ درخواست اماڻي ڇڏي آھي، ليڪشن ڪميشن اسلام آباد جي چوڻ تي گھرو وزارت پاران عمرڪوٽ ۾ پولنگ اسٽيشنن تي رينجرز مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، اسانجي ڀرپور ڪوشش آھي ته صاف شفاف چونڊ پرامن طريقي سان مڪمل ڪرايون، ان ڏس ۾ ڊي آر او ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ به مڪمل سھڪاري آھن.