فيصل آباد (م ڊ) فيصل آباد مان چونڊيل پي ٽي آءِ ايم اين اي عاصم نذير تارڙ پارٽي کي الوداع ڪري ڇڏيو، جمهوري وطن پارٽي جي ايم اين اي شاهزين بگٽي ٽوئيٽ بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته اپوزيشن طرفان سرپرائيز جو سلسلو شروع ٿي ويو، عاصم نذير تارڙ پي ٽي آءِ کي ڇڏي ويو آهي، عاصم نذير تارڙ طرفان نواز ليگ ۾ شموليت جا امڪان آهن. عاصم نذير 2018ع ۾ آزاد اميدوار طور اليڪشن وڙهي هئي ۽ پوءِ پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪئي هئي.