اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ پنهنجي انٽراپارٽي اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، گذريل ڏينهن ئي پي ٽي آءِ 5 فيبروري تي انٽراپارٽي چونڊ جو اعلان ڪيو هو، ذريعن موجب پارٽي قيادت چيف آرگنائيزر سان رابطا ڪيا جنهن ۾ انٽراپارٽي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي، پارٽي ميمبرن عام چونڊن ۾ مصروفيت سبب انٽراپارٽي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي، پي ٽي آءِ انٽراپارٽي چونڊ جو نئون شيڊول عام چونڊن کانپوءِ جاري ڪيو ويندو.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ميمبر اڪبر ايس بابر باني پي ٽي آءِ کي پارٽي بچائڻ لاءِ گڏجي هلڻ ۽ ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪالعدم قيادت پاران انٽراپارٽي جي نالي تي ناٽڪ رچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، انٽراپارٽي چونڊ ملتوي ڪرڻ سٺو عمل آهي، هن چيو ته جيڪڏهن نئين انٽراپارٽي چونڊ جو عمل جاري رکن ها ته پارٽي کي تمام گهڻو نقصان پهچي ها، اسان ڪوشش ڪريون ٿا ته پي ٽي آءِ کي هڪ جمهوري ادارو بڻايو وڃي، جيڪو قانون کان مٿانهون نه هجي، هن چيو ته اهڙي قيادت هجي جيڪا نوجوانن کي گاريون ۽ ڏنڊ کڻڻ نه سيکاري، هن چيو ته قبضا گروپ انٽراپارٽي چونڊ جي ڪوشش ڪئي جنهن سان پي ٽي آءِ ڊي لسٽ به ٿي سگهي پئي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سموري قيادت ڪالعدم ٿي چڪي آهي، پي ٽي آءِ تباهي ڪناري پهتل آهي، آئون پارٽي جو دشمن نه پر دوست آهيان، پي ٽي آءِ باني چيئرمين کي آڇ ڪريان ٿو ته گڏجي هلون، هڪ مصالحتي رستي تي هلڻ جي ضرورت آهي، عمران ٽئي نمائندا ۽ وڪيل مقرر ڪري اسان به مقرر ڪريون ٿا جيڪي ويهي ڳالهيون ڪن.