اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ گذريل ڏينهن جي احتجاج تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني آئيني بينچ موسمياتي تبديلي اٿارٽي متعقل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپختونخوا وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيندي گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف جي بليو ايريا ۾ احتجاج ۽ انتظامي جي گرينڊ آپريشن جو ذڪر ڪندي چيو ته آئيني بينچ پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿي. جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي سياسي ڳالهيون نه ڪريو. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته هي معاملو اسان جي سامهون ناهي. ان تي نٿا ڳالهائڻ چاهيون. آئيني بينچ پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ واري استدعا کي رد ڪري ڇڏيو.