اسلام آباد ۾ شرپسندن هٿان 4 رينجرز اهلڪارن جي شهادت بعد آرٽيڪل 245 تحت فوج مقرر، شاهراهه دستور تي واقع پارليامينٽ هائوس سميت اهم عمارتن تي فوج کي مقرر ڪيو ويو، گهرو وزارت وفاقي راڄڌانيءَ ۾فوج جي مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن موجب آرٽيڪل 245 تحت پاڪ فوج کي گهرايو ويو آهي ۽ واضح ڪجي ٿو ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، آرمي کي ڪنهن به علائقي ۾ امن امان جي صورتحال برقرار کڻ لاءِ ڪرفيو لڳائڻ جا اختيار به ڏنا ويا آهن، ذريعن موجب سڪيورٽي ادارن کي وڳوڙ پکيڙيندڙن کي موقعي تي گولي هڻڻ جا واضح حڪم ڏنا ويا آهن، علي امين گنڊاپور جي اڳواڻيءَ ۾ پي ٽي آءِ جو قافلو زيرو پوائنٽ تي پهچي ويو، پوليس تي پٿراءُ، شيلنگ، علائقو ميدان جنگ ۾ تبديل، رات دير سان شرپسندن سرينگر هاءِ وي تي رينجرز اهلڪارن مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي هئي، جنهن ۾ 4 جوان شهيد ۽ 5 زخمي ٿي پيا هئا، شرپسندن طرفان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن ۾ هيل تائين رينجرز جا 4 ۽ پوليس جا 2 جوان شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ اهلڪار زخمي ٿي چڪا آهن