پي ٽي آءِ آخرڪار حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار، ٻه مطالبا رکي ڇڏيا، اسان کي دهشتگردن وانگر ڏٺو پيو وڃي: قيادت

0
81
پي ٽي آءِ آخرڪار حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار، ٻه مطالبا رکي ڇڏيا، اسان کي دهشتگردن وانگر ڏٺو پيو وڃي: قيادت
پي ٽي آءِ آخرڪار حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار، ٻه مطالبا رکي ڇڏيا، اسان کي دهشتگردن وانگر ڏٺو پيو وڃي: قيادت

پشاور (م ڊ) پي ٽي آءِ حڪومت سان ڳالهين جو اعلان ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت پشاور ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڳالهين جو اعلان ڪيو، پي ٽي آءِ قيادت چيو ته حڪومت هجي يا ڪوئي ٻيو جيڪو به ڳالهيون ڪرڻ چاهي اسان تيار آهيون، عمران خان ڳالهين لاءِ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪاميٽي ۾ علي امين گنڊاپور، اسد قيصر، حامد رضا ۽ عمر ايوب شامل آهن. اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته اسان حڪومت يا ڪنهن به اداري سان ڳالهيون ڪنداسين، هن چيو ته ڳالهين لاءِ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي جنهن ۾ اسد قيصر، سلمان اڪرم راجا، علي امين گنڊاپور، حامد رضا ۽ آئون شامل آهيان، هن چيو ته جيڪو به ڳالهيون ڪرڻ چاهي اسان تيار آهيون. هن چيو ته اسلام آباد احتجاج ۾ 12 ڄڻا شهيد ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، حڪومت فاشسٽ آهي، اسپتالن مان لاش غائب ڪيا ويا،ماڻهن کان لکرايو ويو ته حادثي ۾ زخمي ٿيا هئا ۽ اسان جا 200 کان وڌيڪ ڪارڪن لاپتا آهن، 5 هزار کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن. عمر ايوب چيو ته اسان جي ماڻهن کي ڊيڄاريو ڌمڪايو پيو وڃي، ملڪ ۾ مارشل لاء آهي، ماڻهن کي گهران کنڀيو پيو وڃي،  هن چيو ته 13 ڊسمبر تي جرڳي ۾ شهيدن لاءِ دعا ڪنداسين ۽ 15 ڊسمبر تي ٻاهرين ملڪن ۾ موجود پي ٽي آءِ ڪارڪن به دعائون گهرندا، هن مطالبو ڪيو ته اسان جي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي، 9 مئي واقعن جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ۽ 24  نومبر تي گوليون هلايون ويون ان جي جاچ ڪرائي وڃي، هن چيو ته مطالبا نه مڃيا ويا ته سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪنداسين. ان موقعي تي شبلي فراز چيو ته 8 فيبروي تي اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، هڪ غلطي لڪائڻ لاءِ وڌيڪ غلطيون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ڳالهين ذريعي سمورن مسئلن جو حل ڪڍڻ گهرجي، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگردي آهي، نوجوان غلط رستو نه اختيار ڪن. اسد قيصر چيو ته اسان جي ڪارڪنن گولي نه هلائي، اسان پنهنجي آئيني حقن کان پوئتي نه هٽنداسين، هي پاڻ ملڪ اندر نفرتون پيدا ڪري رهيا آهن، اسان کي دهشتگردن وانگر ڏٺو پيو وڃي، اسان قانون ۾ رهجي ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا.