راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جڏهن عهدن تي سفارشي ماڻهن کي ويهاريو وڃي ته ڪرڪيٽ تباهه ٿيندي. پي ٽي آءِ باني سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سندس ڀيڻ عليما خان چيو ته اڄ عمران خان کي سڀ کان وڌيڪ ڪاوڙ ڪرڪيٽ تي هئي، عمران خان چيو ته مان پاڪ – ڀارت ميچ ٽي وي تي ڏٺي، محسن نقوي کي جنهن به عهدي تي ويهاريو ويو هن ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان کي وڏو ڏک آهي، سندس چوڻ هو ته جڏهن سفارشي ماڻهن کي عهدن تي ويهاريو ويندو ته ڪرڪيٽ تباهه ٿيندي، محسن نقوي کي اڳ ۾ وڏو وزير بڻايو ويو، هن ظلم ڪيو، پوءِ گهرو وزير بڻايو ويو، هن ظلم جاري رکيو، پي سي بي چيئرمين جي عهدي تي اچي ڪرڪيٽ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيائين، پاڪستان ۾ ايترا عهدا ڪنهن شخص وٽ ناهن، جيترا محسن نقوي وٽ آهن. عمران خان چيو ايڏي خراب ڪارڪردگي تي عزت واري ماڻهو کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي عهدو نه ڇڏيندو، کانئس پڇيو وڃي ته هو ڪرڪيٽ جو ڪهڙو تجربو رکي ٿو؟