اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان جي دوري کان ڀارتي ٽيم جي انڪار جو لکت ۾ جواب ڏهه ڏينهن گذري وڃڻ کانپوءِ به نه ملي سگهيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل اڃا تائين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ڀارتي انڪار جو لکت ۾ جواب ناهي ڏنو. پي سي بي، ڀارتي بورڊ کان پاڪستان دوري کان انڪار جو لکت ۾ جواب طلب ڪيو، جڏهن ته ٽورنامينٽ جي شيڊيول جو اعلان به رولڙي جو شڪار آهي، جنهن سبب براڊڪاسٽنگ ڪمپني کي وڏي مالي نقصان جو خدشو آهي. ان معاملي تي آءِ سي سي بورڊ ميمبرز جي ميٽنگ سڏائڻ جا امڪان وڌي ويا آهن جنهن ۾ ڀارتي ٽيم جي انڪار ۽ سيڪيورٽي سميت ميگا ايونٽ جي ميزباني جو فيصلو ٿيندو.