گلگت بلتستان(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته جيڪڏهن سندس ايڏي هلندي پُڄندي هجي ها ته اڄ هو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جو چيئرمين هجي ها.گلگت بلتستان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته ڇا هن کي اهو سٺو لڳندو ته هو پي سي بي وٽ وڃي ۽ چئي ته مون کي نوڪري کپي؟ عزت ڏيڻ سان عزت ملندي آهي.هن چيو ته کيس ڪرسي جي لالچ ناهي ۽ نه ئي هو پي سي بي جي معاهدن جو خواهشمند آهي، پر جيڪڏهن ڪڏهن کيس پي سي بي ۾ موقعو مليو ته هو رڳو پاڪستان ۽ رانديگرن جي خاطر ڪم ڪرڻ چاهيندو. شاهد آفريدي چيو ته سندن دور ۾ ٽيم ۾ ميچ ونرن جي گهڻائي هئي، هاڻي اهڙا ميچ ونر نه آهن، رڳو بابر ۽ شاهين تي نه ٿو ڀاڙي سگهجي، ڪرڪيٽ ٽيم گيم آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اسان کي هيٺين سطح تي اهڙا ماڻهو کپن، جيڪي رانديگرن جي سٺي تربيت ڪري سگهن. هن چيو ته علائقائي ڪرڪيٽ جي ذميواري جيڪڏهن ڪنهن ڪاموري جي حوالي ڪيو ويندو ته ڪنهن کي سمجهه نه ايندي. هن الزام لڳايو ته ڪرڪيٽ بورڊ جو سربراهه سدائين سياسي بنيادن تي ايندو آهي، چهرا بدلائڻ سان سسٽم تبديل نه ٿيندو. شاهد آفريدي چيو ته هميشه چيو ويندو آهي ته پاڪستان ۾ ڏاڍو گهڻو ٽيلنٽ آهي، پر اهو ٽيلنٽ زيان به ان طريقي سان ئي ٿئي ٿو ، جيڪڏهن گلگت بلتستان ۾ ٽيلنٽ آهي ته ان کي ضايع نه ٿيڻ گهرجي، هن گلگت بلتستان حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هتان ٻار ڪرڪيٽ کيڏڻ چاهين ٿا، تنهنڪري کينِ گرائونڊ ڏنا وڃن جيئن ٽيلنٽ اڳتي اچي سگهي.