لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) وائيٽ بال فارميٽ جي هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن سان ڇڪتاڻ واري صورتحال ۽ تلخ تجربن کانپوءِ پرڏيهي ڪوچز کي الوداع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته وائيٽ بال فارميٽ جي هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) سان جيڪو رويو اختيار ڪيو اهو اعليٰ اختيارين جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي هو.ان حوالي سان چيو پيو وڃي ته پاڪستاني هيڊ ڪوچ کي زمبابوي جي دوري ۾ مقرر ڪيو ويندو.رپورٽن مطابق ان تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي ته پاڪستاني هيڊ ڪوچ سان گڏ بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ ڪوچ به سپورٽ اسٽاف ۾ پرڏيهي هوندا.ان کان اڳ گيري ڪرسٽن کانپوءِ ريڊ بال فارميٽ جي هيڊ ڪوچ جيسن گلسپي به ڪجهه شرطن تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پي سي بي انڪار ڪري ڇڏيو ۽ کيس خبردار ڪيو ويو ته سندس مقرري عبوري مدت لاءِ آهي، ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي کان پاسو ڪيو وڃي.ذريعن موجب زمبابوي ۽ ڏکڻ آفريڪا جي دوري لاءِ وائيٽ بال هيڊ ڪوچ جو اعلان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيو ويندو.ماضي ۾ وقار يونس، مصباح الحق، ثقلين مشتاق ۽ محمد حفيظ پاڪستاني ٽيم جي ڪوچنگ پينل جي سربراهي ڪري چڪا آهن پر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هميشه پرڏيهي ڪوچز کي اهميت ڏني آهي.