ڪينبرا(اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر قومي ٽيم جي خراب ڪارڪردگي جا ذميوار سامهون آڻي ڇڏيا آهن. اڳوڻي ڪوچ جيسن گليسپي ڪجهه ڏينهن اڳ عاقب جاويد کي ”مسخرو“ قرار ڏيندي کيس پنهنجي ذميواري کان ڌار ٿيڻ جو ڪارڻ ڄاڻايو هو. هاڻي مڪي آرٿر به جيسن گليسپي جي بيان جي حمايت ڪندي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) تي سخت تنقيد ڪئي. مڪي آرٿر جو چوڻ هو ته پي سي بي پاڻ ئي پنهنجي تباهي جو ذميوار آهي، جتي ڪرڪيٽ کي ذاتي ايجنڊائن تحت هلائجي ٿو. هن چيو ته جيسن گليسپي ۽ گيري ڪرسٽن پاڪستان ڪرڪيٽ جو معيار بلند ڪري سگهيا ٿي، پر کين هٽايو ويو. اڳوڻي ڪوچ جو چوڻ هو ته گليسپي هڪ بهترين ڪوچ ۽ سٺو انسان آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ کي اهڙن ماڻهن جي سخت گهرج هئي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ وڏي انگ ۾ باصلاحيت رانديگر موجود آهن،
هاڻي وسيلا به بهتر ٿي ويا آهن، پر ناقص پاليسين سبب نوجوان رانديگر مايوس ٿي رهيا آهن، جيڪا افسوس جوڳي صورتحال آهي.