لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) بنگلاديش خلاف ٽن ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ميچن جي سيريز جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو .پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 16 جولاءِ تي بنگلاديش رواني ٿيندي. پاڪ-بنگلاديش سيريز جي پهرين ميچ 20 جولاءِ تي ڍاڪا جي شيرِ بنگلا نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ 22 ۽ ٽئين ۽ آخري ميچ 24 جولاءِ تي ڍاڪا ۾ ئي شيڊيول هوندي. ٽئي ميچون پاڪستاني معياري وقت موجب شام پنجين وڳي شروع ٿينديون.