حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاران ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ لاءِ حيدرآباد جي 24 رانديگرن تي مشتمل ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي. ٽاپ اوپنرز طور حسن علي، فردين شيخ، محمد رافع صديقي، خضر بٽ، مڊل آرڊر طور گلبدين، حسن مرزا، محمد انضار، رضوان محمود، فواد احمد، محمد مسيم، وڪيٽ ڪيپر طور اڪبر خان، نعمت خان، آل رائونڊر طور ناصر خان، نعمان، بالر طور مصطفيٰ نثار، رحمان، اعظم علي، جوشوا گل، محمد وقار ۽ اسپينر طور ايس رضا الحسن، حسيب الرحمان، ماجد اصغر، محمد اسد ملڪ ۽ دائود خان کي شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڄامشوري ۽ حيدرآباد جي ٽيمن جي فٽنيس ٽيسٽ اڄ ٺٽي ۽ بدين جي ٽيمن جي فٽنيس ٽيسٽ 8 جولاءِ، ميرپورخاص ۽ سانگهڙ جي ٽيمن جي فٽنيس ٽيسٽ 9 جولاءِ ۽ بينظير آباد جي ٽيم جي فٽنيس ٽيسٽ 10 جولاءِ تي ٿيندي.