لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) انگلينڊ هٿان ٽيسٽ ۾ بدترين شڪست کانپوءِ 4 قومي ڪرڪيٽرن جي فٽنس ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب پي سي بي چئني قومي ڪرڪيٽرن کي ٻي ٽيسٽ ميچ جي شروع کان اڳ ئي ملتان طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ ڪامران غلام، زاهد محمود، امام الحق ۽ نعمان علي شامل آهن. رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته رانديگرن جي فٽنس ٽيسٽ جلد وٺڻ جو امڪان آهي ڇوته نئين سليڪشن ڪميٽي ٻي ٽيسٽ لاءِ اڄ پليئنگ اليون جو اعلان ڪري سگهي ٿي. ان کان اڳ نعمان علي ۽ زاهد محمود کي پهرين ٽيسٽ اسڪواڊ مان رليز ڪيو ويو هو. ٻنهي ڪرڪيٽرن فٽنس جي گهربل معيار تي به پورو نه لٿو هو.