لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نوان بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ ڪوچز ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ 4 ڪوچز جي ڀرتي لاءِ اشتهار ڏنو آهي. اشتهار موجب، هڪ نئون بيٽنگ، بالنگ، فيلڊنگ، ۽ طاقت ۽ ڪنڊيشننگ ڪوچ پڻ رکيو ويندو. ٻئي طرف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي طرفان اشتهاري جاري ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان جا سينيئر رانديگر ڪوچز جو عهدو ملڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا آهن.