شارجه (اسپورٽس نيوز) پي سي بي جي نئين چيئرمين لاءِ ڪيترائي نالي گردش هيٺ آهن، جڏهن ته مصطفيٰ رمدي سان گڏ نجم سيٺي کي به گورننگ بورڊ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، ڪيترائي ٻيا نالا به سامهون اچڻ لڳا، مستقل چيئرمين نه هئڻ سبب معاملا رولڙي جو شڪار آهن، ذڪا اشرف به بي اختيار رهڻ تي استعيفيٰ ڏيڻ کي ترجيح ڏني، گڏو گڏ گورننگ بورڊ  جو ميمبر ٿيندڙ مصطفيٰ رمدي هاڻي به برقرار رهندو. ٻئي ميمبر طور تي نجم سيٺي فيوريٽ آهي. ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي مالڪ نديم عمر، احمد نواز سکير ۽ عارف سعيد جا نالا به غور هيٺ آهن. هوڏانهن ذڪا اشرف  جي وڃڻ  کانپوءِ  ڪيترن ئي عملدارن جي پوزيشن به خطري ۾ پئجي وئي آهي. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچن جي به عهدن تي برقرار رکڻ مشڪل هوندو. ايندڙ ڪجهه ڏينهن وڏي اهميت وارا آهن جنهن ۾ ڪيترائي اهم فيصلا ٿيندا.