لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ انجري جو شڪار قومي ٽيم جي اوپنرن صائم ايوب ۽ فخر زمان جي فٽنيس بابت تازي اپ ڊيٽ جاري ڪري ڇڏي. ڏکڻ آفريقا خلاف ٽيسٽ سيريز دوران فيلڊنگ ڪندي انجري جو شڪار ٿيندڙ اوپنر صائم ايوب آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي کان ٻاهر ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ هو نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ به پاڪستان اسڪواڊ جو حصو ناهي بڻجي سگهيو. قومي ٽيم جي ٻئي اوپنر فخر زمان ڊگهي عرصي کانپوءِ ٽيم ۾ واپسي ڪئي هئي پر هو به چيمپيئنز ٽرافي جي پهرين ئي ميچ ۾ زخمي ٿي ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿي ويو هو ۽ ان کي نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. صائم ايوب کي ڊاڪٽرن 6 هفتن لاءِ آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو، جڏهن ته فخر زمان لاهور جي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ بحالي جي عمل مان گذري رهيو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تازو پنهنجي بيان ۾ وضاحت ڪئي آهي ته ميڊيڪل سببن جي بنياد تي ٻنهي بيٽرن کي نيوزيلينڊ خلاف سيريز لاءِ ڪنهن به فارميٽ ۾ سليڪٽ ڪرڻ تي غور نه ڪيو ويو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ فخر زمان ۽ صائم ايوب جي صحت بابت ٻڌائيندي چيو اميد ته اهي ٻئي 11 اپريل کان شروع ٿيندڙ پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين ايڊيشن ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندا.