ڪراچي (اسپورٽس رپورٽر) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سنڌ پريميئر ليگ کي اين او سي جاري ڪري ڇڏيو، ان نئين پيش رفت سان سنڌ جي رانديگرن، ٽيم مالڪن ۽ آفيسرن ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي، ايس پي ايل جو پهريون ايڊيشن شاندار انداز ۾ منعقد ڪيو ويو. تفصيل موجب سنڌ پريميئر ليگ جي صدر عارف ملڪ سنڌ جي اڳوڻي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان پي سي بي هيڊڪوارٽرز ۾ چيئرمين پي سي بي چوڌري ذڪا اشرف جي ملاقات ڪئي، پي سي بي سنڌ پريميئر ليگ لاءِ اين او سي جاري ڪيو، ان موقعي تي پي سي بي ڊائريڪٽر ڊوميسٽڪ نديم خان ۽ پي سي بي جا ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته ايس پي ايل ليگ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب منعقد ڪئي پئي وڃي، سندس هدايتن جي روشنيءَ ۾ هن ليگ ۾ اهڙن رانديگرن کي شامل ڪيو پيو وڃي جيڪي پنهنجي صلاحيتن کي ظاهر ڪرڻ جو موقعو ئي نه مليو،