لاهور (اسپورٽس نيوز) پي سي بي دٻاءَ ۾ اچي سياسي شخصيتن لاءِ ڪرڪيٽ جا دروازا کولي ڇڏيا.نئين پي سي بي آئين ۾ سياسي شخصيتن ۽ سرڪاري ملازمن جي مداخلت کي روڪڻ لاءِ آرٽيڪل 8.2 (e)متعارف ڪرايو ويو هو، ان تحت ڪنهن به سياسي پارٽي جو نمائندو هجي يا سرڪاري عهديدار هجي اهو ڪلب جي عهدن تي نٿو اچي سگهي.پر تازو گورننگ بورڊ جي اجلاس جي فيصلن جي حوالي سان پريس رليز جاري ڪندي چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 8.2 (e)کي حذف ڪيو ويو آهي، ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسيمبلي ميمبرن سميت سياسي ڪلبز اليڪشن وڙهي صدر ۽ خزانچي ٿي سگهن ٿا پر اهو معاملو اتي ختم نه ٿيندو ڪلبز مان چونڊيل اهي سياسي شخصيتون اڳتي هلي سٽي ۽ پوءِ صوبائي ايسوسيئيشنز جي عهدن تي به ويهي سگهندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته سياسي شخصيتن جي اثروسوخ جي ڪري ئي پي سي بي کي يوٽرن وٺڻو پيو، ماهرن ان تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي.