لاهور(اسپورٽس نيوز) پي سي بي بورڊ آف گورنرز جو 78 هون اجلاس چيئرمين ڪرڪيٽ بورڊ محسن نقوي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مالي سال 2025-26 جي بجيٽ گڏيل مشاورت سان منظور ڪئي وئي، نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾، موجوده مالي سال لاءِ 18.3 ارب رپين جي ڪل بجيٽ تخميني کي متفقه طور تي منظور ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هر سال ڪرڪيٽ جي واڌاري لاءِ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ علائقي جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي ۽ هر سال بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ علائقي کي انعام ڏنو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عملي جي ڪارڪردگي جي باقاعدي نگراني ڪئي ويندي. اجلاس ۾ مالي سال 2024-25 جي بجيٽ جي استعمال تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو ۽ گذريل بورڊ جي اجلاس جي فيصلن جي به توثيق ڪئي وئي. چيف فنانشل آفيسر جاويد مرتضيٰ بجيٽ جي اهم خصوصيتن تي بريفنگ ڏني، جڏهن ته بورڊ آف گورنرز جي ميمبر انور غني اجلاس جي آخر ۾ دعائون ڏنيون. اجلاس ۾ بورڊ آف گورنرز جي ميمبرن ظهير عباس، سجاد علي کوکر، ظفرالله، طارق سرور، پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر سمير احمد، پي ايس ايل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلمان نصير، ڊائريڪٽر ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن عامر مير، ڊائريڪٽر ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ عبدالله خرم نيازي ۽ هيڊ وومين ڪرڪيٽ رافعه حيدر شرڪت ڪئي. ان کان علاوه، انور غني، مصطفيٰ رمدي، دانيال گيلاني، انور احمد خان، ڊاڪٽر شفيع الرحمان ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي ڊائريڪٽر عثمان واهلا وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.