لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم سميت ڪيترن ئي قومي ڪرڪيٽرن کي اين او سي جاري ڪري ڇڏيا آهن. پي سي بي جي هڪ بيان موجب، بابر اعظم کي 14 ڊسمبر کان 28 جنوري تائين بگ بيش ليگ لاءِ اين او سي جاري ڪيو ويو آهي. بيان موجب، فاسٽ بالر شاهين آفريدي ۽ محمد رضوان کي به ساڳئي عرصي لاءِ اين او سي جاري ڪيا ويا آهن. پي سي بي جي اعلان موجب، فاسٽ بالر محمد عامر کي ايسيڪس ڪائونٽي لاءِ 18 جولاءِ تائين، شان مسعود کي ليسٽر شائر لاءِ 1 سيپٽمبر تائين، ۽ حسن علي کي واروڪ شائر ڪائونٽي لاءِ 30 سيپٽمبر تائين اين او سي جاري ڪيو ويو آهي. اعلان موجب، ڪاشف علي کي ڪينٽ ڪائونٽي ڪرڪيٽ ڪلب لاءِ اين او سي، محمد عباس کي 2 جولاءِ لاءِ اين او سي ۽ خرم شهزاد کي 27 سيپٽمبر لاءِ اين او سي ملي ويو آهي. پي سي بي جي اعلان موجب، محمد نواز کي گيانا سپر ليگ، سي پي ايل لاءِ اين او سي ڏنو ويو، خواجه نافع کي گلوبل سپر ليگ لاءِ اين او سي ڏنو ويو، محمد حسن خان کي سي پي ايل لاءِ اين او سي ڏنو ويو، ۽ حارث رئوف کي ميجر ليگ ڪرڪيٽ لاءِ اين او سي ڏنو ويو.