شايد ئي سنڌ ۾ ڪو اهڙو ڏينهن هجي جو عجب ڪرپشن جون غضب ڪهاڻيون ماڻهن کي حيرت ۾ نه وجهنديون هجن. هتي ڪرپشن جا اهڙا اهڙا انداز سامهون آيا آهن جو جڳ حيران آهي. عوام جي ٽئڪس جو ناڻو اهڙي نموني سان “پٿر هضم- لڪڙ هضم” ڪامورا ڳڙڪائي ٿا وڃن جو اوڳرائي به نٿا ڏين. اها ڳالهه صرف عوام جي زبان تي ئي ناهي پر خود سرڪاري ڪاميٽين جون رپورٽون به ان ڳالهه جي شاهدي ڏينديون رهيون آهن، سرڪاري گڏجاڻين ۾ به ان ڪرپشن جا انڪشاف ٿيندا رهيا آهن پر حيرت اها آهي ته، اهڙيون رپورٽون ۽ انڪشاف سامهون اچڻ جي باوجود ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي نٿي ٿئي. معاملو ان نهج تي پهتل آهي ڄڻ ته هتي ڪرپشن کي ادارتي قبوليت مليل هجي. اهڙين ئي بيقاعدگين جو انڪشاف پي اي سي جي اجلاس دوران پڻ ٿيو آهي. پي اي سي جي چيئرمين نثار کهڙي جي صدارت ۾ ٿيل گڏجاڻيءَ کي خطاب ڪندي نثار کهڙو چيو ته، سنڌ حڪومت هر سال مڪاني ادارن کي هڪ کرب 60 ارب رپين جي فنڊنگ ڪري رهي آهي، ايتري بجيٽ هوندي ترقي نظر نه پئي اچي. هن وڌيڪ چيو ته، هڪ کرب 60 ارب رپين جي بجيٽ مان 50 سيڪڙو رقم ملازمن جي پگهارن تي خرچ ٿيڻ کانپوءِ به باقي بچيل 50 سيڪڙو رقم مان ترقي ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته کاتن ۾ عوام جي ٽيڪس جي پئسن ۾ خردبرد ۽ بي ضابطگين کي برداشت نه ڪيو ويندو، جنهن جنهن کاتي ۾ بي ضابطگيون هونديون، پي اي سي ايڪشن کڻندي، نثار کهڙو چيو ته جيڪو کاتو آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪندو، ان کاتي جي ذميوار آفيسر جي خلاف ايڪشن ورتو ويندو.
هونئن ته ڪرپشن جو مرض سڄي ملڪ کي وڪوڙي ويو آهي پر سنڌ ۾ اُن ناسور جي صُورت اختيار ڪري ورتي آهي، جنهن تي ڪي به ڦَڪيون فرق نٿيون ڪن، سنڌ ۾ ڪرپشن ڪيتري چوٽ چڙهيل آهي، ان جو ثبوت سنڌ جي حالت مان ملي ٿو، جيڪا ترقيءَ بدران ڏينهون ڏينهن تنزليءَ طرف وڃي رهي آهي. گذريل ڏيڍ ڏهاڪي کان به وڌيڪ عرصو سنڌ هڪ ئي جماعت جي حُڪمرانيءَ هيٺ رهي آهي پر ان عرصي دوران روڊن رستن جي خراب حالت، انفرا اسٽرڪچر جي تباهي، ادارن جي تباهي، تعليم جي تباهي ۽ سهولتن جي اڻاٺ توڙي صحت کاتي جي ابتري اهڙي تصوير پيش ڪري ٿي، جنهن تي جيترو به افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي، سنڌ جي عوام کي ميسر علاج جي “سهولتن” تي نظر وجهڻ سان اهو محسوس ٿئي ٿو ته، ‘علاج’ جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت صحت کاتي کي آهي. تعليم جي صورتحال کي ڏسجي ٿو ته، اسڪول زبون حال آهن، جن مان اڪثر اسڪولن ۾ نه پاڻي آهي، نه بجلي، نه چوديواري، نه واشروم، نه فرنيچر ۽ گهڻا اسڪول اهڙا آهن، جن جون عمارتون ئي نه آهن، باقي ٻن ادارن ايس آءِ يو ٽي، اين آءِ سي وي ڊي ۽ گمبٽ واري انسٽيٽيوٽ جي هٿ آيل هريڙ تي ڪيترو فخر ڪبو؟ اها ڦَڪي ڪيترو وڪرو ٿيندي. جيتري قدر مڪاني ادارن جي کاتي جي ڪارڪردگيءَ جو تعلق آهي ته ماڻهن کي بنيادي ميونسپل سهولتون ئي ميسر نه آهن. هن کاتي لاءِ اهو سمجهيو وڃي ٿو ته، هِي وس وارن لاءِ اي ٽي ايم بڻيل آهي. روڊ رستا گندگيءَ سان ڀريل آهن، گٽر اُٿلي وچڙندڙ بيمارين ۽ ڪيترن ئي مسئلن جو سبب بڻجي رهيا آهن، ماڻهن کي صاف پاڻيءَ جي سهولت ميسر نه آهي. ٻهراڙيون ته پري جي ڳالهه وڏن شهرن ۾ به جيڏانهن نِهار ڪجي ٿي ته، اروڙيون نظر اچن ٿيون. حيرت اها آهي ته، پي اي سي چيئرمين، جنهن جو تعلق سنڌ جي حڪمران جماعت سان آهي، اهو پاڻ پيو پُڇي ته، مڪاني کاتي جي اڌ بجيٽ ڪٿي ٿي خرچ ٿئي.
سنڌ ۾ خراب گورننس جي ڪري ماڻهو بنيادي سهولتن کان محروم آهن. ڪرپشن جي وڻ ويڙهي سنڌ جي وجود کي وڪوڙي وئي آهي. خراب حالت صرف مڪاني کاتي جي ئي نه پر سمورا کاتا اهڙي ئي حالت کي پهتل آهن. ان جو پُڇاڻو آخر ڪيئن ٿئي ۽ ڪير ڪري. جن کي پُڇاڻو ڪرڻو آهي، اهي صرف سوال پيا اُٿارين ۽ انڪشاف پيا ڪن پر اها ڳالهه مشاهدي ۾ ايندي رهي آهي ته، ڪرپشن جي ذميوارن خلاف ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي. سنڌ سان ڇا ڪيو ويو آهي، ان کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ بدران رُڳو هڪ نِهار سنڌ جي حالت تي وجهبي ته سڄي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي.