سنڌڙي(ن پ ا) پي ايس 46 سنڌڙي تي فارم جمع ڪرائيندڙ پي ٽي آءِ سنڌ جي نائب صدر ممتاز شاھ جو فارم رد، اين اي 211 ۽ 212 تي فارم به رد ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ پي ٽي آء سنڌ جي نائب صدر ممتاز شاھ ٻڌايو ته منھنجا فارم بحال ٿيا، سڀ گھرجون پوريون ڪيوسين، مون کي مبارڪون به ڏنيون ويون پر گذريل رات ڊي سي آفيس ميرپورخاص مان مون کي فون آئي ته پي ٽي آءِ وارن جا فارم رد ڪيا ويندا، جنھن ۾ اعتراض جي ڪا وجھه به ناھي، پر فارم رد ڪرڻا آھن، اسان جا اھڙا به اميدوار آھن، جن وٽ گھر به ڪرائي جو آھي، پوءِ به فارم رد ڪيا ويا آھن، ھن چيو ته بحال ٿيل فارم بنا وجھه رد پيا ٿين، ھن چيو ته جي ڊي اي سان وڏو ڌڪ ٿيو آھي، جو انھن کي گذريل دفعي جيان ھن دفعي به آسرو ڏئي فارم رد پيا ڪن پر پ پ واري ڪنھن ھڪ جو به فارم رد نه پيو ٿئي ان جو سبب اھو آھي ته اليڪشن ۾ شفافيت زيرو پرسنٽ آھي، رڳو ھڪ ڌر کي خوش ڪيو پيو وڃي.